پروفيسر شيخ محمد حاجن

پروفيسر شيخ محمد حاجن

شيخ محمد حاجن پروفيسر

شيخ محمد حاجن، پروفيسر: ليکڪ ۽ پروفيسر محمد حاجن شيخ، 25 اپريل 1933ع ۾ پيدا ٿيو. مٽياريءَ جي شيخن جي هڪ خاندان مان هو. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر رهيو آهي. هن جون ڪيتريون ئي تصنيفون به قابل ذڪر آهن. سندس لکڻين ۾ انگريزيءَ ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي سوانح Maulana Ubaidullah Sindhi, A Revolutionary Scholar شامل آهي، جيڪا 1986ع ڌاري شايع ٿي. ٻيو ڪتاب T.W Arnold جي 1896ع ۾ لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو ‘اسلام جي تبليغ’ يعني اسلام جي اشاعت جي تاريخ جي نالي سان پهريون ڀيرو 1984ع ۾ قومي هجره اڪيڊمي، اسلام آباد پاران ڇپايو ويو. شيخ صاحب جا ٽي ڪتاب ‘اسلام جي تبليغ’ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايل آهن. سندس اولاد مان ڊاڪٽر عبدالرحمان آرٿوپيڊڪ سرجن آهي. ٻيو فرزند ڊاڪٽر روشن شيخ، آمريڪا ۾ رهي ٿو. ٽيون پٽ ڊاڪٽر زيڊ شيخ هن وقت ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڊين آف فيڪلٽي طور ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.04.25  عيسوي

ليکڪ ۽ پروفيسر محمد حاجن شيخ، 25 اپريل 1933ع ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارباب نور محمد راهمون
چنيسر3
گرو تيغ سنگهه بهادر
جاحظ
الانا ڊاڪٽر غلام علي
جعفر علي ارغون
سنت ڪشنداس
سوڍوف سي ٿامس
خان عبدالولي خان
بهو بيگم عرف صاحب دولت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون